عنايت الله سومرو سهيل

عنايت الله سومرو سهيل : اديب ۽ شاعر عنايت الله ولد غوث بخش سومري پهرين آڪٽوبر 1930ع تي جيڪب آباد ۾ جنم ورتو. جيڪب آباد ۾ تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ ڇهين مارچ 1949ع تي پرائمري ماستر مقرر ٿيو، جتان 30 آڪٽوبر 1990ع تي رٽائر ٿيو. کيس شاگرديءَ واري زماني کان ادب سان چاهه هو. اڳتي هلي 1952ع کان شاعري ۽ نثر لکڻ شروع ڪيائين. مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ سندس شاعري ۽ مضمون شايع ٿيندا رهيا. هن شاعر ۽ اديب جي حيثيت سان مختلف ادبي فورمن ۽ سماجي تنظيمن ۾ به ڪم ڪيو. ’بزم تحسين ادب‘ جيڪب آباد جو جنرل سيڪريٽري به رهيو. شاعريءَ توڙي نثر ۾ ’سهيل‘ تخلص ڪتب آڻيندو آهي. سندس ٽي ڪتاب: (1) ’تذڪرة الاولياء‘، (2) ’ماءُ جي دعا‘ ۽ (3) ’جيڪب آباد ضلعي جي جاگرافي‘ شايع ٿي چڪا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1930.10.01  عيسوي

اديب ۽ شاعر عنايت الله ولد غوث بخش سومري پهرين آڪٽوبر 1930ع تي جيڪب آباد ۾ جنم ورتو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رانٽو عبدالقادر
ٻلديو مٽلاڻي
قاضي خادم حسين
لياقت جوڻيجو
حبيب سنائي
درشهوار سيد ڊاڪٽر
جوڻيجو عبدالقادر
قريشي حامد علي خانائي ڊاڪٽر
رياض صديقي
چڍڙ رمضان دلدار
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون